چوڌري خليق الزمان

چوڌري خليق الزمان

چوڌري خليق الزمان

چوڌري خليق الزمان: انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو اهم رهنما، چوڌري خليق الزمان، ضلعي مرزاپور جي ڳوٺ چنار ۾ 1889ع ڌاري جنم ورتو. هن جو تعلق اوَڌ آباد جي هڪ زميندار خاندان سان هو. هن مئٽرڪ 1907ع ڌاري جوبلي اسڪول لکنؤ مان ۽ بي. اي، ايل. ايل بي جا امتحان ايم. اي. او ڪاليج عليڳڙهه مان ڏنا. 1917ع ڌاري وڪالت شروع ڪئي ۽ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. 1921ع ۾ هن ’پرنس آف ويلس‘ جي لکنؤ ۾ اچڻ تي عوامي احتجاج ۾ حصو ورتو ۽ گرفتار به ٿيو. خليق الزمان ڪجهه عرصي تائين ڪانگريس سان به وابسته رهيو، پر جلد ئي ان کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ڀارت جو آئين ٺاهڻ لاءِ هو مسلم ليگ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1928ع ڌاري هن آل پارٽيز ڪنوينشن ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي نمائندگي ڪئي. 1937ع ۾ هو انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ پارلياماني بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ ساڳئي سال 1937ع واري (Uplegislative Assembly) جي چونڊن ۾ مسلم ليگ جو ميمبر بڻيو. خليق الزمان انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي پاليسن ۽ پروگرامن جي ڀرپور حمايت ڪئي.
هن مسلم ليگ جي ستاويهين اجلاس ۾ جيڪو مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ٿيو هو، ’پاڪستان جو ٺهراءُ‘ پيش ڪيو. 1943ع ڌاري هن کي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ پارلياماني بورڊ جو صدر چونڊيو ويو. 47-1946ع ڌاري هو انڊيا جي قانون ساز اسيـمـبـلـيءَ جــو ميـمبـر مـقـرر ٿيو. ساڳئي سال هن کي ’سبجيڪٽس ڪميٽي ليجسليٽو ڪنوينشن دهليءَ جو ميمبر به چونڊيو ويو. 1947ع ۾ هو پاڪستان لڏي آيو ۽ 1948ع تائين مسلم ليگ جو اعليٰ عهديدار رهيو ۽ بعد ۾ 1950ع تائين ان جو صدر به رهيو. 1953ع کان 1954ع تائين هو مشرقي پاڪستان جو گورنر ۽ 1954ع ۾ کيس فلپائن ۽ انڊونيشيا جو سفير ڪري موڪليو ويو. هن تحريڪ آزاديءَ تي يادگيرين جو ڪتاب ‘Pathway to Pakistan’ به لکيو. سندس وفات 1973ع ۾ ٿي.


لفظ چوڌري خليق الزمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو